تخ ملنگا شوگر ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مددگار

news

حيدرآباد: اربع 10 جولاءِ 2019ع: اوهان تخ ملنگا کي ڏٺو يا ان جي باري ۾ ٻڌو ته هوندو، پر ڇا اوهان ڄاڻون ٿا ته ان کي ڇو استعمال ڪرڻ گهرجي؟.

حقيقت ۾ اهي ٻج ڪيلوريز کان پاڪ هوندا آهن جڏهن ته پروٽين، اوميگا ٿري فيٽي ايسڊز، ڪيلشيئم، ڪاربوهائيڊريٽس ۽ فائبر سان ڀرپور هوندا آهن جڏهن ته ان ۾ موجود اينٽي آڪسيڊنٽس به مختلف فائدا پهچائيندا آهن.

اهي مسلز کي سڪون پهچائڻ سان گڏوگڏ هاضمو تيز ڪناد آهن ۽ هاضمي جوڳا ڪاربوهائيڊريٽس جي مقدار گهٽ ٿيڻ سان گڏوگڏ اهي ورم ڪش به هوندا آهن جيڪي پيٽ ڦوڪجڻ جي مسئلي کان بچائيندا آهن.

ان جا ڪيترائي فائدا آهن پر اهو انهن ماڻهن لاءِ تمام گهڻو فائديمند آهي جيڪي شوگر جو شڪار هجن يا هاءِ بلڊ شوگر جي شڪايت کي منهن ڏيندا هجن.

اهي ٻج شوگر جي مريضن لاءِ فائديمند آهن، جيڪي انسولين جي مزاحمت جي روڪٿام ۾ مدد ڪندا آهن جڏهن ته بلڊ گلوڪوز جي سطح بهتر ڪرڻ سان گڏ بلڊ پريشر کي به معمول تي آڻيندا آهن.