پوليو مهم دوران ڪوتاهي ڪندڙ عملي خلاف سخت قدم کنيا ويندا: ڊي سي بدين

news

بدين: اربع 10 جولاءِ 2019ع:ڊپٽي ڪمشنر بدين ڊاڪٽر حفيظ احمد سيال پوليو ڪاميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چيو  ته هيلٿ کاتي ۽ بدين ضلعي ۾ صحت تي ڪم ڪندڙ اين جي اوز جي اها ذميواري آهي ته هو آگسٽ ۾ شروع ٿيندڙ پوليو مهم ۾ ڀرپور تعاون ڪن، جئين پوليو جهڙي موذي مرض کان هميشه لاءِ جان ڇڏائي سگھجي.

هن چيو ته شروع ٿيندڙ پوليو مهم جو ڪانٽيجنس پلان تيار ڪيو وڃي ۽ ان تحت ڪم ڪيو وڃي. هن چيو ته مارڪننگ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، جيئن ڪوبه ٻار پوليو کان بچاءُ جي ڦڙن کان رهجي نه وڃي.

پوليو جي ٽيمن کي مڪمل ٽريننگ پڻ ڏني وڃي، پوليو مهم دوران پوليو جي ايم او يوسي ايريا انچارج ۽ ايريا سپروائزرن جي ذميداري آهي ته هو پوليو پياريندڙ ٽيمن جي مڪمل نگراني ڪن ان ۾ ڪوتاهي ڪندڙ عملي خلاف سخت قدم کنيا ويندا.

ڊي سي بدين چيو ته ليڊيز هيلٿ ورڪرن کي گھرجي ته پنهنجي ذميواريون ايمانداري سان نڀائين پوليو مهم دوران کين مڪمل سيڪيورٽي پڻ فراهم ڪئي ويندي.

گڏجاڻي ۾ ڊي او پلاننگ ڊاڪٽر علي نواز ڀوت ڊي ايڇ او بدين ڊاڪٽر لياقت قمبراڻي ، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر ڪينجهر ميمڻ، ڊبليو ايڇ او جي نمائندن پنج تعلقن جي پوليو فوڪل پرسنن اسسٽنٽ ڪمشنرن شرڪت ڪئي.01