هوائي گدلاڻ ڦڦڙن کي تيزي سان پوڙهو ڪرڻ جو سبب بڻجڻ لڳي

news

لنڊن: اربع 10 جولاءِ 2019ع: اسان ڄاڻون ٿا ته جسم جا عضوا به جواني کان پوڙهائپ تائين جو سفر ڪندا آهن ۽ اهو هڪ قدرتي عمل آهي پر هاڻ ماهرن خبردار ڪيو آهي ته هوائي گدلاڻ سبب ڦڦڙن جي پوڙهائپ ۽ خرابي جو عمل تيز کان تيز  ترين ٿي ويندو آهي.

سائنسدانن هڪ مطالعي کانپوءِ چيو آهي ته جيڪڏهن هڪ شخص اهڙي فضا ۾ هڪ سال تائين ساهه کڻي جتي هڪ مربع ميٽر ۾ 5 مائيڪرو گرام تائين گدلاڻ جا ذرا هجن ته ان سان هڪ سال ۾ ڦڦڙن کي ايترو نقصان واقع ٿيندو آهي جو طبي ٻولي ۾ ڦڦڙن کي وڌيڪ ٻه سال پوڙهو ڪري ڇڏيندو آهي، اهڙي طرح ڦڦڙن جي افاديت ۾ گهٽتائي واقع ٿيندي آهي.

هوائي گدلاڻ جي صورت ۾ ٺوس ۽ مائع جزا هوا ۾ ترندا رهندا آهن، ان ۾ ڌوڙ، مٽي، ڪاربن، رک ۽ ٻين قسمن جا ذرا شامل ٿي سگهن ٿا، اهي ٻارڻ، ڪوئلي، گيس، گاڏين جي دونهين، ڪارخانن ۽ اڏاوت مان به پيدا ٿيندا آهن. جيڪڏهن ڪو اهڙي جاءِ تي رهي رهيو آهي جتي في مربع ميٽر 10 مائيڪروگرام ذرا هجن ته ان جو نقصان ٻٽو ٿيندو، اهڙين جاين تي ساهه جو مرض ۽ سي او پي ڊي عام حالتن کان چار ڀيرا وڌيڪ ٿي سگهي ٿي، اهڙين جاين جا رهواسي ساهه جي تنگي ۽ سيني جي جڪڙ جي شڪايت ڪندا آهن.

اها سروي برطانيه ۾ ٿي آهي ۽ جتي هڪ ڊيٽابيس مان ٽي لک ماڻهن جو جائزو ورتو ويو آهي، مطالعي ۾ شامل عورتن ۽ مردن جي ساهه جي ڪيفيت ۽ ٻيون ٽيسٽون ورتيون ويون هيون جنهن ۾ 2006ع کان 2010ع تائين چئن سالن جو عرصو لڳو، ان ۾ ماڻهن جي پيشي ۽ گدلاڻ ۾ گذاريل وقت جي تفصيلن کي به شامل ڪيو ويو.