مدئجي پوليس جي هوٽلن ۽ جوا جي اڏن تي چڙهائي، ڏهه ڄڻا گرفتار

news

مدئجي: اربع 10 جولاءِ 2019ع: مدئجي شهر جي شاهي بازار اسٽيشن روڊ،علي وارث چونڪ،مست علي بخش محلو، سکر لاڙڪاڻو روڊ سميت مختلف محلن ۾ واقع هوٽلن ۽ جوا جي اڏن تي پوليس اٽالن ايس ايڇ او فداحسين گوپانگ جي اڳواڻي ۾ چڙهايون ڪري هوٽلن تي ويٺل ماڻهن کي تلاشين دوران تشدد جو نشانو بڻايو،

جنهن دوران هوٽلن تي ويٺل ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي،جنهن دوران پوليس اهلڪارن تشدد ڪندي هوٽلن تي ويٺل 9 ڄڻن کي گرفتار ڪري کين تذليل جو نشانو بڻائيندي کين ڳچين کان گهلي پوليس موبائيل ۾ وجهي ٿاڻي تي پهچايو، جڏهن ته شهر اندر هلندڙ جوا جي اڏن تي اڳواٽ اطلاع ملڻ تي جواري ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جنهن بعد پوليس اهلڪارن گهٽيءَ مان گذرندڙ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو گرفتار ڪيلن ۾طارق چانڊيو،راجا جيهو،ارباب پهوڙ،اسد شر،ڄام خان شر،غازي خان جيهو ۽ ٻيا شامل آهن. 

پوليس اهلڪارن گرفتار ڪيلن کي مدئجي ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو،جنهن بعد پوليس بااثرن جي معرفت ڏيتي ليتي بعد ڏهن کان مٿي گرفتار ڪيلن کي آزاد ڪري باقي ٽن ڄڻن طارق چانڊيو، راجا جيهو ۽ زادو اوڏ ۽ مٿان جوا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ گرفتار ڪيلن صحافين آڏو دانهيندي چيوته پوليس بيگناهه گرفتار ڪري تذليل جو نشانو بڻايو آهي اسان شريف شهري آهيون اسان مٿان ڪوبه ڪيس ناهي.

هنن وڌيڪ چيوته پوليس اهلڪارن کيسن پيل هزارين روپيا پڻ ڪڍي ورتا آهن،هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سميت وس وارن کي اپيل ڪندي چيوته نوٽيس وٺي، بدمست اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

هوڏانهن مدئجي پوليس جو چوڻ هو ته امن امان جي بحالي لاءِ ڪاروايون ڪيون آهن،جوا جي اڏن تي چڙهايون ڪيو پر جوواري اڳواٽ ڀڄي ويا ڪجهه گرفتاريون ڪيون آهن،سماجي براين خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.01