مدئجي ۾ شيخ برادري پاران باثرن ۽ پوليس جي ظلم خلاف احتجاجي مظاهرو

news

مدئجي:اربع 10 جولاءِ 2019ع: خيرپور ضلعي جي پريالوء شھر جي رهواسين عبدالواحد عرف ملان شيخ، عبدالرزاق شيخ، رسول بخش، غلام شبير، عبدالحميد، عمران، عبدالعزيز، برڪت،  حضور بخش شيخ ۽ ٻين معصوم ٻارن سميت پريس ڪلب پهچي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته پريالوءِ شهر جي نوحاڻي برادري جي عبدالرحيم نوحاڻي، ڀلُو نوحاڻي، طارق، مکڻ نوحاڻي ۽ ٻين جوابدارن 8 مهينا اڳ اسان جي ناريء حليمان شيخ کي اغوا ڪري ويا، جنهن جي اغوا جو ڪيس اسان پريالوء پوليس وٽ ڪيس داخل ڪرايو، جنهن بعد پوليس جوابدارن مان ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ساڻن رشوت وٺي کين آزاد ڪري ڇڏيو. 

هنن الزام هڻندي ٻڌايو ته پريالوء پوليس جوابدار ڌر کان ڳري رشوت وٺي الٽو اسان خلاف هٿ ٺوڪيو ڪيس داخل ڪري نوحاڻي برادري جي جوابدارن جي مدد سان اسان جي گهرن تي چڙھايون ڪري گهرن ۾ ڀڃ ڊاھ ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻارن ۽ عورتن تي تشدد ڪري گهرن مان قيمتي سامان کڻي گهرن کي باهيون ڏئي گهر ساڙي ڇڏيا هئا، پوليس ۽ نوحاڻي برادري جي ناجائزين سبب پنهنجا اجها ڇڏڻ تي مجبور ٿي مرزانپور ڀرسان لڏي آيا آھيون، دربدري سبب اسان جي ٻارڙن جي تعليم به سخت متاثر رهي آھي ۽ گهرن هوندي بي گهر آھيون.

هنن سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کي پرزور اپيل ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي اغوا ڪيل ناري حليمان شيخ کي بازياب ڪرائي پوليس ۽ جوابدارن پاران ڪيل نقصان جو ازالو ڪري انصاف ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو وڌايو ويندو.01