سيوهڻ ۾ تعليم کاتي پاران سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن کي داخل ڪرائڻ لاءِ جاڳرتا ريلي

news

سيوهڻ: اربع 10 جولاءِ 2019ع:تعليم کاتي پاران سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن کي داخل ڪرائڻ لاءِ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي اڳواڻي ۾ ريلي، سوين استادن شاگردن ۽ ساڃاھ وندن جي شرڪت، ٻارڙن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ جي اپيل.

تفصيل موجب ڊائريڪٽر ايجوڪيشن حيدرآباد ڊويزن جي ھدايت تي سنڌ اندر گهر ۾ ويٺل ٻارڙن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ ڊپٽي ڊي اي او سيڪينڊري ڄامشورو ماجد حسين کوکر، الله بخش سولنگي، خدا بخش ملاح، علي نواز سولنگي ۽ عبدالغفار سولنگي جي اڳواڻي ۾ بوائز هاءِ اسڪول سيوھڻ کان پريس ڪلب سيوھڻ تائين جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ سوين شاگردن، استادن، والدين ۽ شھر جي سڄاڻ ڌرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ريلي جو مقصد پرائمري ۽ سيڪينڊري  سرڪاري اسڪولن ۾ گهر ۾ ويٺل معصوم ٻارڙن جي انرولمينٽ وڌائڻ لاءِ ڪوشش وٺڻ آهي، سرڪاري اسڪولن ۾ تجربيڪار استادن جي نگراني ۾ معياري تعليم سان گڏ تمام بنيادي سھولتون فراھم ڪيون ويون آهن ته جيئن غريب ٻارڙن جي مستقبل کي بھتر ۽ مضبوط بنائي سگهجي.

ھنن والدين کي اپيل ڪئي ته ھو وڌ کان وڌ پنهنجي ٻارڙن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائن.01