سيوھڻ ۾ ڳوٺاڻي جو پيرسن ماءُ سميت گهر تي قبضي خلاف احتجاج

news

سيوھڻ:اربع 10 جولاءِ 2019ع: سيوھڻ ويجھو ڳوٺ آراضي جي رھواسي جو پنهنجي امڙ سان گڏجي گهر تي قبضي خلاف احتجاج، اعليٰ عملدارن کان انصاف ۽ تحفظ جي گھر، خبر موجب سيوھڻ جي ڳوٺ آراضي جي رھواسي شخص عاشق حسين ٻچڙو پنهنجي پيرسن امڙ سان گڏجي پنهنجي سئوٽ خادم حسين ٻچڙو پاران سندن گهر تي مبينا طور قبضو ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ميڊيا سان دانھيندي عاشق حسين چيو ته اسان 85 سالن کان ڳوٺ آراضي ۾ پنهنجي اباڻي گھر ۾ رھون ٿا، ڪجھ وقت کان اسان جي گھر تي قبضي ڪرڻ لاءِ اسان کي خادم ٻچڙو اڻڄاتل ماڻھن سان گڏجي گھر خالي ڪرڻ جون موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيو آهي، اسان کي خادم ٻچڙو مان جاني ۽ مالي نقصان جو خطرو آھي.

ھنن  آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ڄامشورو سميت اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو ته اسان کي تحفظ ۽ انصاف فراھم ڪيو وڃي.01