نئون ڪوٽ ويجهو رڻ شاخ ۾ ٻڏي ويل نينگر جو لاش هٿ

news

 نئون ڪوٽ: اربع 10 جولاءِ 2019ع:نئوڪوٽ ويجهو مٺڙائو ڪئنال جي 22 ميل موري تي وهنجندي ٽٻي هڻڻ دوران ٻڏي گم ٿيل 12 سالن جي عمران پٽ اسحاق چانڊيو جو چئن ڪلاڪن بعد ٽوٻن جي مدد سان ڳولا بعد ميمڻ واٽر ڀرسان ڪنڊن ۾ ڦاٿل لاش هٿ آيو.

وارثن مطابق نينگر عمران ٻين ٻارن سان گڏ 22 ميل موري تي وهنجي رهيو هو ته ٻيا ٻار گهر آيا، هي واپس نه موٽيو، جنهن بعد اسان ڳولا ڪئي ته سندس ڪپڙا ۽ جتي واهه جي ڪپ تي پيل هئي، جنهن ڪري اسان کي شڪ پيو ۽ ٽوٻا گهرائي رڻ شاخ ۾ ڳولا ڪئي.

هنن چيو ته نينگر جو لاش چار ڪلو ميٽر اڳيان ميمڻ واٽر تي ڪنڊن ۾ ڦاٿل مليو، جڏهن ته نينگر پنجين ڪلاس جو شاگرد هو.01