پيرا گون هائوسنگ ڪيس ۾ خواجه ڀائرن جي جوڊيشل رمانڊ ۾ پنجن ڏينهن جي واڌ

news

لاهور: (خميس 11 جولاءِ 2019ع) احتساب عدالت پيرا گون ڪيس ۾ خواجه  ڀائرن جي جوڊيشل رمانڊ ۾ پنجن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.

تفصيل موجب پيراگون ڪيس ۾ گرفتار خواجه ڀائرن جي چوڏنهن ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ کان پوءِ کين اڄ احتساب عدالت جي آڏو پيش ڪيو ويو جتي نيب ٽن جوابدارن نديم ضياءَ، عمر ضيا ۽ فرحان علي بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.

نيب جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جوابدارن جي گرفتاري تي عمل ناهي ٿي سگهيو ڇو ته جوابدار گرفتاري کان بچڻ جي لاءِ ڄاڻي واڻي نامعلوم هنڌ تي روپوش آهن جنهن تي عدالت چيو ته ڇا اوهان وٽ جوابدارن جي آخري معلومات ۽ ايڊريس اهائي آهي.؟ جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جي ها اهائي آهي پر نئين ايڊريس ڳولا ڪئي آهي، اسان جوابدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ان تي جج جوادالحسن چيو ته لڳي ٿو ته اوهان ڪيس کي بريڪ هڻڻ چاهيو ٿا پر عدالت بريڪ هڻڻ نه ڏيندي.

عدالت  روپوش جوابدار عمر ضياءَ،نديم ۽ فرحان کي اشتهاري قرار ڏئي ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن ته سعد رفيق ۽ سلمان رفيق جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 16 جولاءِ تائين واڌ ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا، جڏهن ته احتساب عدالت ٻاهران ايندڙ ويندڙ رستن کي ڪنڊيدار تارون ۽ ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو. احتساب عدالت ٻاهران پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي.