ريل حادثو: بلاول ڀٽو شيخ رشيد کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

news

سکر: (خميس 11 جولاءِ 2019ع) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو رحيم يار خان ريل حادثي تي ريلوي واري وزير شيخ رشيد کي استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

تفصيل موجب سکر مان جاري ڪيل بيان ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته صادق آباد ٽرين حادثي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حادثي جو ٻڌي مون کي سخت صدمو پهتو آهي. وفاقي حڪومت فوري طور تي متاثر خاندانن جي لاءِ  امداد جو اعلان ڪري. بلاول ڀٽو ريل حادثي تي شيخ رشيد کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ريل حادثا معمول بڻجي ويا آهن. جڏهن ته ريلوي جو وزير ڪجهه  به نه پيو ڪري سگهي. ريلوي جو وزير ظاهري طور تي حادثن جو ذميوار آهي ان جي خلاف جاچ ٿيڻ گهرجي.

پ پ چيئرمين چيو ته شيخ رشيد جو وزارت سان رومانس ريل حادثن ۾ اڃان ڪيتريون  زندگيون تباهه ڪندو. ڊڪٽيٽر مشرف جي دور ۾ به شيخ رشيد ريلوي جو ادارو تباهه ڪيو ۽ عوام جي اکين ۾ مٽي وجهي عمران خان ۽ شيخ رشيد ملي ڪيترين ئي ٽرينن جو افتتاح به ڪيو.

بلاول ڀٽو الزام هنيو ته بيٺل بوگين کي ملائي نيون ٽرينون هلائيندڙ شيخ رشيد ۽ عمران خان صرف پوائنٽ اسڪورنگ جي چڪر ۾ آهن. ريلوي جي اداري جيان ملڪ به هلايو پيو وڃي. پنهنجي بيان ۾ چيئرمين پ پ بلاول ڀٽو زرداري مطالبو ڪيو ته جاچ مڪمل ٿيڻ تائين شيخ رشيد کي کپي ته هو وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

ان سان گڏ ئي هن وزيراعظم کي به تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ريل حادثن تي وزير جي  مستعفي ٿيڻ جا مثال ڏيندڙ عمران خان پنهنجي وزير کان ڪڏهن استعيفيٰ گهرندو.؟  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته عمران خان وڏي فخر سان شيخ رشيد کي ريلوي جي وزارت ڏني هئي اڄ خان صاحب جو اهو فيصلو به غلط نڪتو.