ايٽمي ايجنسي جي اجلاس ۾ روس ۽ ايران جي آمريڪا تي ڇتي تنقيد

news

ويانا: (خميس 11 جولاءِ 2019ع)  روس ۽ ايران ايٽمي توانائي ايجنسي جي اجلاس ۾ آمريڪا کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. آمريڪي درخواست تي عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي ( آءِ اي ايِ اي ) جو آسٽريا جي گادي واري شهر ويانا ۾ خاص اجلاس ٿيو جنهن ۾ ايران مسئلي تي غور ڪيو ويو.

ايراني سفير ڪاظم غريب آبادي اجلاس ۾ چيو ته آمريڪا طرفان ايران کي معاشي دهشتگردي جو منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، آمريڪا غيرقانوني ۽ هڪ طرفي پابندين کي خودمختيار رياستن کي دٻاءُ ۾ آڻڻ لاءِ هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي.  پر اهو سلسلو هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي، ايٽمي معاهدي بابت ايراني قدم آمريڪي غيرقانوني رويي جو نتيجو آهن.

روسي سفير ميخائل اوليانوف به واشنگٽن تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته آمريڪا ايٽمي معاهدي واري معاملي تي عملي طور اڪيلو ٿي ويو آهي، هنن طرفان ايٽمي اداري جو اجلاس سڏائڻ عجيب آهي، ڇاڪاڻ ته ٽرمپ ايٽمي معاهدي کي بدترين قرار ڏنو هو، اجلاس سڏائڻ جي درخواست مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو ايٽمي معاهدي جي اهميت کان آگاهه آهي.

آمريڪي سفير جوڪي وال ڪوٽ چيو ته ايران نيو ڪليئر ڀتا خوري ۾ رُڌل آهي ۽ ايٽمي معاهدي جي ڀڃڪڙي جي ڌمڪي ڏئي عالمي برادري کان پئسو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هوڏانهن برطانيا، فرانس، جرمني ايٽمي معاهدو بچائڻ لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رکڻ جو گڏيل بيان ڏنو.