ورلڊ ڪپ سيمي فائنل: آسٽريليا جو انگلينڊ خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو

news

برمنگهم: (خميس 11 جولاءِ 2019ع) ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2019 جي ٻئين سيمي فائنل ۾ اڄ آسٽريليا انگلينڊ جي خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي.

آسٽريليا جي ڪپتان اوئن مورگن ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اڄوڪو ميچ دلچسپ هوندو. برمنگهم جي ايجبسٽن گرائونڊ ۾ ٻيو سيمي فائنل آسٽريليا ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ کيڏيو ويندو جنهن جي شروعات ٿي وئي آهي. ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريليا کي صرف 2 دفعا شڪست کي منهن ڏيڻو پيو آهي جڏهن ته انگلينڊ جي ٽيم کي 3 ميچن ۾ شڪست ملي آهي.

آسٽريليا جي ٽيم سيمي فائنل ۾ اٺون دفعو جڳهه ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي ۽ هينئر تائين 5 دفعا ورلڊ چيمپين جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي.  ٻئي ٽيمون 1976 ۾ ٿيندڙ پهرين ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ هڪ ٻئي سان مقابلو ڪري چڪيون آهن جنهن ۾ آسٽريليا انگلينڊ جي ٽيم کي شڪست ڏني هئي پر ويسٽ انڊيز جي ٽيم کيس فائنل ۾  هارايو هو.