پشاور جي ريپڊ ٽرانزٽ روڊ تي بس نه پر قينچي هلي وئي، حجم دڪان کولي ماڻهن جا وار ڪٽڻ لڳو

news

پشاور: خميس 11 جولاءِ 2019ع: پشاور جي ريپڊ ٽرانزٽ روٽ تي بس نه هلي سگهي، پر قينچي هلي وئي، هشت نگري انڊر پاس هيٺان حجم دڪان کولي ورتي، ماڻهو بس تي ويهڻ بدرنا وار ٺهرائڻ لاءِ بي آر ٽي جو رخ ڪرڻ لڳا.

حجم جي تصوير سوشل ميڊيا تي ڇا آئي وائرل ٿي وئي، ان جي ڪري شهرين جو اها ڪاوڙ آهي جيڪا گهٽ نه پئي ٿئي، سبب اهو ئي ته پشاور جو ميٽرو بس منصوبو پي ٽي آءِ حڪومت جي وڏين دعوائن جي باوجود ڪيترائي سال گذرڻ تي به پورو نه ٿيو، عوام کي ٽرانسپورٽ جي سهولت ڇا ملڻ هئي ڊگهي عرصي ان رستن جي ڀڄڻ ٽٽڻ سبب علائقي واسين ۽ واپارين جي اچ وڃ عذاب ٿي وئي.

ريپڊ بس نه هلي ته هڪ حجم موقعي جو فائدو وٺي پنهنجو دڪان کولي ورتو ۽ ماڻهن جا وار ٺاهڻ لڳو، هاڻ ماڻهو بس تي سفر لاءِ اچڻ بدران حجم کان وار ڪٽائڻ ئي ريپڊ بس انڊر پاس جو رخ ڪرڻ لڳا آهن.