ڏورانهين ايسٽرائيڊ تي جاپاني خلائي جهاز جي ڪامياب لينڊنگ ۽ ڊرلنگ

news

ٽوڪيو: خميس 11 جولاءِ 2019ع: جاپاني خلائي ايجنسي جاڪسا جو تيار ڪيل آٽوميٽڪ خلائي جهاز ايابوسا2 پنهنجي ساڍن چئن سالن جي سفر کانپوءِ 162173 ريوگو چيو ويندڙ ايسٽرائيڊ تي ڪاميابي سان لهي ويو، جيتوڻيڪ ان کان اڳ به ڪجهه ايسٽرائيڊ تائين آٽوميٽڪ خلائي جهاز پهچي چڪا آهن پر هايابوسا2 ان لحاظ کان منفرد آهي جو ان ريوگو تي لهي اتان جي کوٽائي ڪئي آهي ۽ ايسٽرائيڊ جي سطح جي اندران مٽي جا نمونا جمع ڪيا آهن.

اهڙي طرح اهو انساني تاريخ ۾ اهو پهريو موقعو آهي جو جڏهن زمين تان موڪليل آٽوميٽڪ مشين ٻئي ايسٽرائيڊ تي کوٽائي جو عمل انجام ڏنو آهي ۽ نمونا جمع ڪيا آهن، ان کان اها ڪاميابي صرف مريخ جي حوالي سان ئي حاصل ڪئي وئي هئي.

ياد رهي ته ريوگو ايسٽرائيڊ جو مدار زمين ۽ مريخ جي وچ ۾ واقع آهي، ان ايسٽرائيڊ تي لهڻ جي لاءِ جاپاني خلائي ايجنسي جاڪسا هايابوسا 2 مشن کي ڊسمبر 2014ع ۾ روانو ڪيو هو، اهو گذريل سال جي خاتمي تائين ريوگو تائين پهچي چڪو هو ۽ ان سان گڏوگڏ مدار ۾ گردش ڪري رهيو هو.

هايابوسا 2 لينڊر کي پهريون ڀيرو فيبروري 2019ع ۾ آزمائشي طور تي ٿوري دير لاءِ ريوگو تي لاٿو ويو ۽ اهو سطح کان ڪجهه نمونا جمع ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي مدار ۾ واپس پهچايو ويو.