محمد عامر ٽي ٽوئنٽي بلاسٽ ليگ ۾ شرڪت لاءِ تيار

news

لنڊن: خميس 11 جولاءِ 2019ع: ورلڊ ڪپ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارينڊڙ پاڪستاني پيسر محمد عامر انگلش ٽي ٽوئنٽي بلاسٽ ليگ ۾ شرڪت جي تياري ڪرڻ لڳو آهي.

ميگا ايونٽ جي سيمي فائنل مان ٻاهر ٿيڻ کانپوءِ ٻين رانديگرن سان گڏ پاڪستان اچڻ بدران انگلينڊ ۾ ئي رهندڙ قومي ٽيم جو بالر ايسيڪس جي نمائندگي ڪندو، هن گذريل ڏينهن پنهنجي ڪائونٽي ٽيم لاءِ فوٽو شوٽ به ڪرايو.

ياد رهي ته ٽي ٽوئنٽي بلاسٽ ليگ جي  شروعات 18 جولاءِ کان ٿي رهي آهي، ايونٽ جي فائنل 21 سيپٽمبر تي برمنگهم جي ايجبسٽن گرائونڊ ۾ کيڏي ويندي، ووسٽرشائر ريپيڊز دفاعي چيمپيئن آهي.