بدين ۾ بااثر شخص بيروزگار نوجوانن کان روزگار ڏيڻ بهاني لکين رپيا وٺي فرار

news

بدين:خميس 11 جولاءِ 2019ع: بدين ضلعي جي هڪ بااثر شخص چوڌري انور ساجد ضلعي جي مختلف شهرن بدين، تلهار، ماتلي، ٽنڊوباگو ۽ گولاڙچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن جي بي روزگار نوجوانن کي ملائيشا ۾ وڏين نوڪرين جا خواب ڏيکاري کانئس هڪ لک کان 5 لکن تائين اڳواٽ پئسا وٺي اڻڄاتل هنڌ فرار ٿي ويو آهي.

ان سلسلي ۾ بي روزگار نوجوانن راجيش ڪولهي، موهن، ويرم، هيرو ڪولهي ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيوته اٽڪل هڪ سال اڳ اسان کان چوڌري انور ساجد اسان کي ملائشيا سميت ٻين ملڪن ۾ وڏيون نوڪريون وٺي ڏيڻ ۽ مختلف قسمن جا ٺيڪا ڏيارڻ بهاني اسان کي چيوته اوهان جي پاسپورٽن سميت ٻين ضروري ڪاغذن لاءِ پئسا جمع ڪرايو اسان کان پئسا وٺڻ بعد هو هڪ سال تائين مختلف بهانا ڪندو رهيو.

هنن وڌيڪ انڪشاف ڪندي چيوته ڪجھ نوجوانن کي ويزا وٺي ڏني، ڪجھ ڏينهن بعد پتو پيو ته اها نوڪري واري نه پر گھمڻ واري ويزا هئي، سندس اهڙي فراڊ کانپوءِ وڌيڪ خبر پئي ته هن بدين نه پر پوري سنڌ جي مختلف شهرن مان پڻ بي روزگار نوجوانن کان وڏي رقم وٺي فراڊ ڪيو آهي ۽ سنڌ کانسواءِ پنجاب مان اهڙو فراڊ ڪري چڪو آهي.

هنن وڌيڪ چيوته ڪجھ مهينا پهرين هن چيوته وزيراعظم  مختلف قسمن جا ٽيڪس لڳايا آهن، جنهن سبب پريشانيون ٿي رهيون آهن، هاڻ خبر پئي آهي ته هن اسان سان فراڊ ڪيو آهي، اسان وياج تي پئسا کڻي کيس ڏنا.

هن وقت تائين هڪ لک 80 هزار ڏئي چڪا آهيون، اسان نئين دمبالي ۽ ڪراچي ۾ سندس شارع فيصل روڊ تي آفيس اڳيان پڻ احتجاج ڪيو پر هو بااثر هجڻ ڪري پوليس به هن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، نوجوانن وزيراعظم پاڪستان آرمي چيف ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان گھُر ڪئي ته ڪروڙي روپين جو فراڊ ڪندڙ خلاف سخت ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ مرڻ گھَڙيءَ تائين بک هڙتال شروع ڪئي ويندي.01