ڄامشورو ۾ آبادي جي عالمي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ريلي ڪڍي سيمينار ڪوٺايو ويو

news

ڄامشورو:خميس 11 جولاءِ 2019ع: آبادي جي عالمي ڏھاڙي جي  موقعي تي پوري دنيا ۽ ملڪ جيان ڄامشورو ۾ به  پاپوليشن ويلفيئر کاتي ڄامشورو طرفان عوامي جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي ۽ سيمينار ڪوٺايو ويو.

بلاول ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ڪوٽڙي ۾ ورلڊ پاپوليشن ڊي  جي  حوالي سان پاپوليشن ويلفيئر کاتي ڄامشورو طرفان صحت کاتي ۽ سماجي تنظيم ٿرديپ جي گڏيل سھڪار سان عوامي جاڳرتا ريلي جو اھتمام ڪيو ويو.

اسپتال ۾ پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي فيميل ويلفيئر سينٽر ۽ ايم ايس او کان اسپتال جي مک گيٽ تائين ڪڍيل ريلي جي قيادت اسپتال جي ميڊيڪل سپرينٽينڊنٽ ڊاڪٽر اديبا پنھور،  ڊسٽرڪٽ  پاپوليشن ويلفيئر آفيسر عرفان اڪبر جوکيو، ڊپٽي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالحميد سومرو، ٿرديپ جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر نسرين خان، ڊپٽي ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيسر ڊاڪٽر ماريا الطاف ۽ ٻين ڪئي.

ريلي ۾ پاپوليشن ويلفيئر کاتي، صحت کاتي، اين جي اوز جي آفيسرن، ڊاڪٽرن، سوشل موبلائيزرن، ليڊي هيلٿ ورڪرن، ايف ڊبليو اي ميل، فيميل ۽ ايف ٽي اوز سميت ملازمن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ريلي ۾ شريڪ ماڻھو آبادي تي ضابطي ۽ ٻارڙن جي پيدائش ۾ وقفو ڪرڻ  بابت نعري بازي ڪري رھيا ھئا.

ريلي جي پڄاڻي تي سيمينار ڪوٺايو ويو. جنهن کي  خطاب ڪندي  ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر عرفان اڪبر جوکيي چيو ته تيزي سان وڌندڙ  آبادي جي ڪري  ملڪ جي آبادي وڌي 22 ڪروڙن تائين پھچي چڪي آهي جيڪو ڳڻتي جوڳو عمل آهي ڇو ته  آبادي وڌڻ سان وسيلا  گھٽجي رھيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ روزانو 15 هزار ٻار پيدا ٿي رهيا آهن جڏهن ته آبادي تي ضابطو آڻڻ لاءِ شروع ڪيل مختلف پروجيڪٽ ۾ گڏيل ۽ ٽيم ورڪ ڪري مثبت نتيجا حاصل ڪري سگھجن ٿا.

هن چيو ته وڌندڙ آبادي جي مسئلن بابت سماج ۾ آگاهي ڦهلائڻ لاءِ مسلسل ڪوششن جي ضرورت آهي. سيمينار کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ اسپتال جي ميڊيڪل سپرينٽينڊنٽ ڊاڪٽر اديبا پنھور چيو ته ڳوٺن ۾ عام ماڻھن ۽ نون شادي شده جوڙن ۾ فيملي پلاننگ بابت آگاهي ڏيڻ انتهائي لازمي آهي، ان ڪري ٻهراڙي جي علائقن ۾ آبادي تي ضابطو آڻڻ لاءِ آگاهي مهم هلائي وڃي.

آبادي جي ڀلائي واري کاتي جي ڊپٽي ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر  آفيسر ڊاڪٽر ماريا لطيف خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ حمل دوران، ڊليوري دوران ۽ ڊليوري کان فوري پوءِ هڪ لک مان 178 مائرون فوت ٿين ٿيون جڏهن ته اها شرح ماضي ۾ 276 تائين هئي پر حڪومت جي بهتر پاليسين ۽ صحت جي معياري سهولتن سبب انهي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ اميد آهي ته ايندڙ سالن ۾ اها شرح اڃا به گهٽجي ويندي.

ان موقعي تي خطاب ڪندي سماجي تنظيم ٿرديپ جي ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيٽر نسرين خان چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي ۽ محدود وسيلن ڪارڻ ڪيترائي سماجي ۽ معاشي مسئلا جنم وٺي رهيا آهن جنهن جو واحد حل آبادي تي ضابطو آڻڻ آهي. هن چيو ته سندس تنظيم  آبادي جي روڪٿام لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪري رهي آهي ۽ مختلف ادارن سان ويجهي رابطي ۾ پڻ آهي.

سيمينار کي اسپتال  ڊپٽي ميڊيڪل سپرينٽينڊنٽ ڊاڪٽر عبدالحميد سومرو، تعلقي  پاپوليشن ويلفيئر آفيسر عبدالوھاب عباسي، اسپتال جي آر ايم او ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ، ايم ايس يو انچارج ڊاڪٽر مھوش منير، ايف ٽي او  پاپوليشن کاتو نفيسا بيگم، اي پي آءِ انچارج ۽ پيرا ميڊيڪل اڳواڻ شاھدھ چانڊيو،  ايل ايڇ وي سپروائيزر زيب النساءُ، عبدالماجد ڀٽو، عبدالمجيد سميجو ۽ ٻين خطاب ڪندي آبادي جي روڪٿام لاءِ ٻهراڙين ۾ آگاهي پروگرام شروع ڪرڻ تي زور ڀريو.01