مورو ۾ شهرين پاران سيپڪو انتظاميا جي زيادتين خلاف احتجاجي ريلي

news

مورو:خميس 11 جولاءِ 2019ع:مورو واپڊا سيپڪو انتظاميا پاران غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪرڻ، ڊڊيڪشن ذريعي واڌو بل موڪلڻ، سڙيل بجلي جا ٽرانسفارمر تبديل نہ ڪرڻ ء شھرين دڪاندارن سان ناجائزين خلاف جوڙيل مختلف سياسي، سماجي تنظيمن پاران آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي احتجاجي مظاھرو ڪري مورو پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي وئي.

جنھن جي اڳواڻي خان ڏاھري، سيد ڪوڙل شاھ، اسلم ڪوريجو، ڪامريڊ بلاول ڏاھري، محمود اعواڻ، خادم بالادي، امين ڪلھوڙو، وڏيرو روشن دل، جاويد مصطفيٰ ڪانڌڙو، امير بخش سرھيو، بدرالدين ميمڻ، اسلم امين آرائين، پريم سنڌي، اشرف بٽ، صادق ميمڻ، جگديش ڪمار، الطاف بھڻ، اياز لنجار، ايڊووڪيٽ امين الدين خاصخيلي، سجاد علي مستوئي، چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي مورو نذير احمد ميمڻ، ميانداد لنڊ، خادم حسين کوسو، مخدوم اظھار، استادن راشد مسعود عباسي، منير احمد سيال، حبيب اللہ کوسو، سيد عبدالجبار شاھ، عبدالحڪيم لغاري، ڪامريڊ خالد ٻگھيو،صادق زرداري، عبدالحسين ميمڻ، عرفان عباسي، شمن ڪلھوڙو، فاروق ڪورائي، مورائي مصطفيٰ مھر، غلام مصطفيٰ ڇڄڙو، غلام مرتضيٰ آرائين، سعيد احمد ڪلھوڙو، عبدالھادي ڪلھوڙو، امجد سيال، نادر ڪورائي، اشفاق پنھور ء ٻيا ڪري رھيا ھئا ريلي م شھر جي مختلف پاڙن جي رھواسين، دڪاندار، واپارين، گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول، گورنمينٽ ھاءِ اسڪول مورو  ٽائون راشد مورائي ۽ ٻين اسڪولز جي استادن ۽ شاگردن پڻ جلوس جي صورت ۾ شرڪت ڪئي.

ريلي مختلف ھنڌن کان ٿيندي واڊا سيپڪو انجنيئر آفيس وٽ پھتي، جتي مين گيٽ اڳيان ڌرڻو ھنيو ويو ۽ واپڊا سيپڪو خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي. ان موقعي تي واپڊا طرفان مين گيٽ اڳيان پوليس بيھاري ڇڏي ء پرامن طريقي سان ڌرڻو جاري رھيو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ سيپڪو پاران بجلي جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ، ٽرپنگ، ڊي فيٽنگ، ڊڊيڪشن بلن عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي.

ھن وقت مورو ۾ 45 کان 50 سينٽي گريڊ گرمي هلي رهي آهي اتي سيپڪو انتظاميا بجلي بند ڪري عوام کي مارڻ چاهي ٿو شڪايتن باوجود سيپڪو عملدار ڪنهن جي به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن آخر مورو جي عوام کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ملي رهي آهي، سيپڪو جي اهڙي عمل خلاف اسان سڀني ھي ڌرڻو ھنيو آھي. ھنن چيو ته شهر جي مختلف پاڙن ۾ ٽرانسفارمر سڙيل آھن جيڪي تبديل نه ٿا ڪيا وڃن.

شھر جا اڪثر پاڙا واپڊا جي نااھلي سبب اونداھي م آھن ھڪ غريب پورهيت جيڪو 400 رپيا ڏهاڙي ڪمائي ٿو. هن جي گهر ۾ نه اي سي، نه ئي فرج آهي صرف پکو ۽ بلب آهي ان ڏانهن سيپڪو عملدار 5 کان 10 هزار روپيه بل موڪلي ڇڏين ٿا اهو پورهيت ويچارو مزدوري ڇڏي هفتن جا هفتا سيپڪو آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿو پر سيپڪو عملدار لڳل ڊڊيڪشن ختم نه ٿا ڪن ناجائزيون برداشت ھرگزنه ڪيون وينديون.

سيپڪو انتظاميه حد ڪري ڇڏي آهي بجلي جي غير اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪري عوام کي بيحال ڪري ڇڏيو ڪاروبار تباھ ٿي چڪا آھن ڪير به هنن کان پڇڻ وارو ناهي، 24 ڪلاڪن دوران 8 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪرڻي آهي پر هتي 12 کان 14 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، سيپڪو جي زيادتيون تمام گھڻيون آهن جيڪي ھاڻي ھرگز برداشت نہ ڪيون وينديون ڇاڪاڻ تہ مورو جي آبادي ذهني مفلوج بڻجي وئي آهي احتجاج باوجود سيپڪو انتظاميا قبلو درست نه ڪيو ته احتجاجي تحريڪ تيز هلائي ويندي.

جڏھن ته احتجاجي ڌرڻي دوران سيپڪو انجنيئر راجا عبدالعزيز رِڏ ڊي ايس پي مورو عبداللہ لاکير، ايس ايڇ او مورو محسن رضا جنڊاڻ سان گڏ ڳالھين لاءِ پھتو جتي آل پارٽيز الائينس جي اڳواڻن يارنھن مطالبا سامھون رکيا تہ لوڊشيڊنگ اٺ ڪلاڪ ڪئي وڃي، 18 کان مٿي سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪيا وڃن، 16 گم ٿيل ٽرانسفارمر ظاھر ڪري ساڳين جاين تي لڳايا وڃن، 100 ڪي وي جي ٽرانسفارمرن جي جاءِ تي 200 ڪي وي جا ٽرانسفارمر ڏنا وڃن، ضرورت بنياد تي ايڊيشنل ٽرانسفارمر ڏنا وڃن، سيپڪو طرفان ڪمپلين سينٽر کوليو وڃي، اڳ ۾ ٿيندڙ کليل ڪچھرين جا پي سي منظور ڪيا وڃن، کليل ڪچھرين جو سلسلو شروع ڪري ڊڊيڪشن ختم ڪيا وڃن. جن کي واپڊا سيپڪو مورو انجنيئر قبول ڪندي ھڪ ھفتي م پروگريس ڏيڻ جي خاطري ڪرائي جنھن کانپوءِ پرامن احتجاجي ڌرڻو ختم ڪيو ويو.01