ميرپورماٿيلو ۾ لنڊ برادري پاران پوليس خلاف احتجاجي مظاھرو

news

ميرپور ماٿيلو:خميس 11 جولاءِ 2019ع: يارولنڊ ويجھو ڳوٺ سوڀو لنڊ جي رھواسي لنڊ برادري جي فرزند لنڊ مائي وزيران لنڊ ۽ مائي عابده لنڊ گذريل ڏينھن ميرپورماٿيلو پريس ڪلب پھچي يارولنڊ پوليس خلاف احتجاج ڪندي دانھيو آهي ته جوابدار ڌاڙيل مولابخش عرف مولڻ فقير لُنڊ اڳ ۾ نوجوان عورت وزيران ڌي محمد پناھ لُنڊ سندس ماء رشيدان لنڊ ۽ ڀاء سردار لنڊ کي اغوا ڪري وزيران لنڊ سان زبردستي پرڻي جي ڪوشش ڪئي.

جن کي عدالت جي حڪم تي يارولنڊ پوليس بازياب ڪرايو ۽ ھاڻ وري جوابدارن اسان جون جو ڪيتريون ئي ڳئون، ٻڪريون ۽ گھر جو قيمتي سامان ڦر ڪيو وڪيل اويس پتافي جي معرفت عدالت کان آرڊر وٺي ايف آءِ آر ڪرائڻ لاءِ فريادڻ عابده ڌي محمد پناھ لُنڊ ڀاء معشوق لنڊ ۽ مڙس وقار لنڊ کي ساڻ ڪري يارولنڊ ٿاڻي تي وئي ته يارولنڊ پوليس اڳوڻو ڌاڙيل مولابخش لنڊ، نظرو لنڊ ۽ ٻين مٿان ڪيس داخل ڪرڻ بدران جوابدارن جي ونگار وھندي ڄاڻايل ٻنھي نوجوانن وقار ۽ معشوق لنڊ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو جيڪا زيادتي آھي.

ھنن وسوارن کان گرفتار نوجوان آزاد ڪرائي مخالفن ۽ يارولنڊ پوليس خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ٻي پاسي رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او يارولنڊ عاشق بلو ٻڌايو ته ڄاڻايل ٻئي جوابدار 17/2019 ڪيس ۾ پوليس کي گھربل ھئا ان لاء گرفتار ڪيو آھي ھن چيو ته عدالت جي مليل آرڊر مطابق عابده جي فرياد تي ڪيس پڻ داخل ڪيو آھي.01