آچر کان خميس تائين پنجاب جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات جي اڳڪٿي

news

اسلام آباد: (جمعو 12 جولاءِ 2019ع) موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪشمير، اسلام آباد، مٿانهين پنجاب، مٿانهين خيبرپختونخواهه ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان آهي. ان دوران هزارا، راولپنڊي، گوجرانوالا، لاهور ڊويزن، اسلام آباد ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو به امڪان آهي. موسميات کاتي ايندڙ آچر جي شام کان خميس تائين زوب، ڊي آءِ خان، ڊي جي خان، ملتان، بهاولپو ۽ ساهيوال ڊويزن ۾ به ڪجهه هنڌن تي تيز  هوائن سان گڏ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.

تيز برساتن سبب  هزارا، راولپنڊي، ڊي جي خان ڊويزن ۽ ڪشمير جي مقامي ندي نالن  چاڙهه ۽ هزارا دويزن ۽ ڪشمير ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. ان دوران لاهور، گوجرانوالا، فيصل آباد، راولپنڊي ڊويزن جا هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو به امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم ۽ وچولو رهندو. جڏهن ته راولپنڊي، گوجرانوالا، لاهور ڊويزن، اسلام آباد ۽ ڪشمير ۾ ڪنهن ڪنهن هنڌ تي تيز مٽيءَ جي طوفان ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات پئجي سگهي.

سڀني کان وڌيڪ برسات پنجاب جي علائقي منگلا ۾ 54 ملي ميٽر جڏهن ته سڀني کان گهٽ برسات ڪشمير جي ضلعي مظفر آباد ۾ 3 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. سڀني کان وڌيڪ برسات پنجاب جي علائقي منگلا ۾ 54 ملي ميٽر جڏهن ته سڀني کان گهٽ برسات ڪشمير جي ضلعي مظفر آباد ۾ 03 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.

اهڙي طرح پنجاب جي ضلعي جهلم ۾ 32، لاهور(سٽي 25، ايئرپورٽ 24)، اسلام آباد(ايئرپورٽ 18، بوکره 13، زيرو پوائنٽ 10، گولڙه 03، سيدپور 02) گجرات 18، راولپنڊي(چڪلالا 14، شمس آباد 05) حافظ آباد 13، قصور، منڊي بهاءُالدين 12، گوجرانوالا 09 مري 08، سيالڪوٽ 07، اٽڪ ۽ چڪوال ۾ 04 ملي ميٽر برسات پئي.

ڪشمير جي علائقن  ڳڙهي دوپٽه ۾ 34، راولا ڪوٽ 22 ۽ ڪوٽلي ۾ 04 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. اڄ گرم ترين هنڌن ۾ لاڙڪاڻو 48، سبي 47، دادو، نوڪنڊي، موهن جو دڙو ۾ گرمي پد 46 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.