ڪراچي: (جمعو 12 جولاءِ 2019ع) آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني هڪ دفعو ٻيهر ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 26 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
آغا سراج دراني جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن بابت ڪيس جي ٻڌڻي احتساب عدالت ۾ ٿي. آغا سراج دراني سميت جيڪي جوابدار پيش ٿيا انهن کي ڪيس جون ڪاپيون ڏنيون ويون جڏهن ته جيڪي جوابدار غيرحاضر هئا انهن کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.
سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ان موقعي تي صحافين سان مختصر ڳالهائيندي چيو ته گهوٽڪي جي چونڊن ۾ پ پ جو ووٽ بئنڪ گهڻو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته گذريل ڏينهن ٿيندڙ ريل حادثو افسوسناڪ هو. ان حادثي جي جاچ ٿيڻ گهرجي. هن حادثي ۾ ڪيترين ئي قيمتي جانين جو نقصان ٿيو آهي.