سيوهڻ ۾ درگاهه لال عيسن جي سجاده نيشن جو پلاٽ تي قبضي خلاف احتجاج

news

سيوهڻ: جمعو 12 جولاءِ 2019ع:سيوهڻ ڀرسان ڳوٺ پڪا چنه ۾ درگاهه لال عيسن جي سجاده نشين درگاهه جي مينڌي واري پلاٽ تي قبضي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج، خبرموجب سيوهڻ ڀرسان ڳوٺ پڪا چنه ۾ درگاهه حضرت لال عيسن رحمته الله عليه جي سجاده نشين خادم حسين ٻڄڙو درگاهه جي مينڌي واري پلاٽ تي قبضي خلاف پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ منهنجي سئوٽ عاشق حسين ٻڄڙو پنهنجي امڙ سان سوشل ميڊيا تي اهو بيان جاري ڪيو ھو ته منهنجا سئوٽ منهنجي سڄي پلاٽ تي قبضو ڪيو آھي، جيڪي خبرون بي بنياد ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آھن.

اهو پلاٽ منهنجي ڏاڏي فقير کمڻ ٻچڙو جو آھي منهنجي ڏاڏي جي ٻن پٽن به اهو پلاٽ مرشد جي مينڌي لاءِ وقف ڪيو هو پر اسان جي سئوٽ عاشق ان پلاٽ تي پنهنجو گهر ٺهرائي ڇڏيو آھي، ان کانسواءِ مينڌي واري پلاٽ تي به پڻ قبضو ڪري اتان ميندي ڪڍڻ نٿو ڏئي، اتان هر سال 14 ربيع الاول ۾ ست سئو سالن کان وٺي مرشد جي مينڌي نڪرندي آھي.

اهو پلاٽ اسان جي وڏڙن مرشد جي مينڌي لاءِ وقف ڪيو هو پر منهنجو سئوٽ لالچ ۾ اچي سڄو پلاٽ وڪرو ڪرڻ چاهي ٿو، مان وس وارن عملدارن ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کي اپيل ٿو ڪيان ته اسان جي پراڻي مينڌي جي رسم ڪيتري وقت کان هلندڙ آھي، ان رسم کي بچايو وڃي.01