سپريم ڪورٽ ۾ جج ارشد ملڪ جي مبينا وڊيو اسڪينڊل ٻڌڻي لاءِ مقرر

news

اسلام آباد: جمعو 12 جولاءِ 2019: احتساب عدالت جي اڳوڻي جج ارشد ملڪ جي مبينا وڊيو اسڪينڊل سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ 16 جولاءِ تي جج ارشد ملڪ کي مبينا وڊيو جي معاملي جي سماعت لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن اعليٰ عدالت ۾ ان حوالي سان هڪ آئيني درخواست داخل ڪئي ڪئي هئي. ذريعن موجب اها آئيني درخواست ايڊووڪيٽ چوڌري منير صادق جي مدعيت ۾ سپريم ڪورٽ رجسٽري ۾ جمع ڪرائي وئي.

درخواست ۾ وفاقي حڪومت، (ن) ليگ جي صدر شهباز شريف، مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، راجا ظفر الحق ۽ ناصر بٽ کي ڌر بڻايو ويو هو. درخواست گذار عدالت کي گذارش ڪئي ته هو ان وڊيو جي تحقيقات ڪرڻ جو حڪم ڏئي.