حيدرآباد ۾ ميرپورخاص واسي جو بااثرن جي ظلم خلاف احتجاج

news

حيدرآباد(رپورٽ: رضا عباس حاجاڻو)جمعو 12 جولاءِ 2019ع: ميرپورخاص جي ڳوٺ ٻڍو مري جي رهواسي پيري يوسف مري بااثرن جي ظلم خلاف حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي هن الزام هڻندي چيو ته آئون هڪ پيري آهيان ۽ چورن جا پيرا کڻي کين ظاهر ڪندو آهيان، جنهن ڪري چورن جا سرپرست دشمن بڻجي ويا آهن ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي رهيا آهن.

هن چيو ته ڳوٺ علي محمد مري جا رهواسي بچو مري ۽ آچر مري مون تي پي ايس دلبر مهر تي ٻڪري جي چوري ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي گرفتار ڪرايو، جڏهن آئون عدالت مان ضمانت تي جيل مان ٻاهر واپس آيس ته ڄاڻايل ماڻهن مونکي مارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڳوٺاڻن وچ ۾ پئجي مونکي بچائي ورتو.

هن چيو ته اهڙي واقعي جي رپورٽ مون ايس ايس پي ميرپورخاص کي ڏني، جنهن کانپوءِ ڄاڻايل ماڻهو مونکي وڌيڪ ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.01