مورو ويجهو ڪار جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، نينگري زخمي

news

مورو: جمعو 12 جولاءِ 2019ع:مورو ڀرسان دادو روڊ حافظ عبدالرحمان جي ڪوٽ وٽ تيز رفتار ڪار جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار نبي بخش نوناري ۽ معصوم نينگري مُسڪان نوناري سخت زخمي ٿي پيا، جن کي مورو اسپتال آندو ويو، جتي نبي بخش نوناري زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو.

جڏھن ته معصوم نينگري کي ڊاڪٽر پاران طبي امداد ڏني وئي، جنھن جي پڻ حالت نازڪ ھجڻ ڪري نوابشاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏھن ته ڪار ڊرائيور ڪار ڇڏي فرار ٿي ويو.

ياد رھي فوت ٿيندڙ نوابشاھ کان ميھڙ ڀرسان ڳوٺ ٿرڙي محبت وڃي رھيو ھو ته اھڙو حادثو پيش آيو. ھوڏانھن وارث اطلاع تي پھچي لاش کڻائي ڳوٺ پھتا. لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.01