ڪراچي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن هٿان لوهي سريا هڻي چوهڙ جمالي واسي پورهيت قتل

news

چوھڙجمالي:جمعو 12 جولاءِ 2019ع: چوھڙجمالي واسي پورھيت ڪراچي ۾ بيدردي سان قتل، ڀينس ڪالوني ڪراچي ۾ مال جي واڙي تي ڪم ڪندڙ 40 سالن جو نوجوان پورھيت محمد عمر رند کي اڻڄاتل جوابدار لوھي سريا ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا.

خبر جب ڪراچي جي ڀينس ڪالوني واري علائقي جي مواچ ڳوٺ ۾ مال جي واڙي تي مزدوري ڪندڙ 40 سالن جي چوھڙ جمالي جي ڳوٺ نواب خان رند واسي محمد عمر رند کي اڻڄاتل جوابدارن  لوھي سريا ھڻي قتل ڪري ڇڏيو.

هوڏانهن مقتول پورھيت جو مڙھ سندس ڳوٺ مصري خان رند پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. ٻئي طرف ڄاڻايل واقعي جي پوليس جاچ شروع ڪري رھي آھي.01