گمبٽ ۾ گهريلو اڻبڻت سبب نوجوان روهڙي ڪينال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي

news

گمبٽ: جمعو 12 جولاءِ 2019ع:گمبٽ جي ابل واهه جي مشهور واپاري اسرار علي مغل مبينا روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي، لاش جي ڳولا جاري.

ان موقعي تي ٻڌايو پيو وڃي ته روهڙي ڪئنال پل تي موٽر سائيڪل، قميض ۽ موبائل پل تي ڏسي، رڪشي ڊرائيور اهڙو اطلاع ڀر ۾ بيٺل چوڪيدار کي ڏنو، چوڪيدار ڀرسان، گمس اسپتال ۾ قائم ٿيل پوليس پڪٽ کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس پڪٽ ون فاءِ انچارج ۽ گمبٽ ٿاڻي تي اطلاع ڏيڻ کانپوءِ پوليس ۽ ون فاءِ پوليس پهچي موٽر سائيڪل، قميض ۽ موبائل ٿاڻي تي آندو، جتي اسرار علي جي وارثن کي اطلاع ڏنو ويو.

جڏهن ته اسرار علي جي پيءُ گلزار احمد مغل ۽ چاچي  مختيار مغل اسرار علي جي موٽرسائيڪل، موبائل ۽ قميض جي سڃاڻپ ڪري پوليس آڏو بيان ڏنو ته اسرار علي رات جو گهر مان  ناراض ٿي ٻاهر نڪتو، جنهن کانپوءِ هن روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي آهي، جڏهن ته اسرار علي جي لاش جي ڳولا جاري. ياد رهي اسرار علي مغل، مشهور واپاري گلزار احمد مغل جو وڏو پٽ ٻڌايو وڃي پيو.01