موٽروي ايم پنج سيڪشن مڪمل ٿي ويو، چين جي نائب سفير جي مبارڪباد

news

اسلام آباد: جمعو 12 جولاءِ 2019: چيني نائب سفير لي زان پشاور ڪراچي موٽروي ملتان سکر سيڪشن ايم 5 مڪمل ٿيڻ تي پاڪستانين کي مبارڪباد ڏني آهي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري مبارڪباد جي پيغام ۾ چيني نائب سفير لي زان لکيو آهي ته ماشاءَ الله موٽر وي ايم 5 ملتان سکر سيڪشن مڪمل ٿي ويو آهي.

چيني نائب سفير لي زان لکيو آهي ته ملتان سکر سيڪشن جي مڪمل ٿيڻ سان 23 هزار روزگار جا موقعا مليا. سيڪشن کي جلد ئي ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويندو.

لي زان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته سي پيڪ جي تحت هي سڀ کان وڏو منصوبو آهي. چائنا ڪنسٽرڪشن تي شاندار ڪم ڪيو.