حسين نواز جج ارشد ملڪ جا الزام رد ڪري ڇڏيا

news

لنڊن: (ڇنڇر 13 جولاءِ 2019ع) نوازشريف جي پٽ حسين نواز  جج ارشد ملڪ جا الزام رد ڪري ڇڏيا آهن. خانگي نيوز چينل سان ڳالهائيندي حسين نواز چيو آهي ته ارشد ملڪ کي نه رشوت جي آڇ ڪئي ۽ نه ئي ڪا ڌمڪي ڏني آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهو معاملو عدالت ۾ آهي ان لاءِ تفصيل سان نٿو ڳالهائي سگهان.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ مسلم ليگ(ن) جي طرفان سامهون آندل وڊيو تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي نالي تي پنهنجي صفائي ۾ خط لکيو هو ۽ بيان حلفيه به جمع ڪرايو هو جنهن ۾ هن دعويٰ ڪئي ته نوازشريف جي پٽ حسين نواز مون کي رشوت جي آڇ ڪئي هئي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس مسلم ليگ(ن) جي طرفان جاري وڊيو ۽  الزامن تي احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ کي عهدي تان هٽائڻ جي لاءِ قانون واري وزارت کي خط لکي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف مسلم ليگ(ن) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي خلاف العزيزيه ريفرنس جو فيصلو ڪالعدم قراد ڏيڻ ۽ ان کي فوري آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.