پاڪستان بنگلاديش کي شڪست ڏئي پارلياماني عالمي ڪپ کٽي ورتو

news

لنڊن: (ڇنڇر 13 جولاءِ 2019ع) پاڪستان بنگلاديش کي شڪست ڏئي پارلياماني عالمي ڪپ کٽي ورتو آهي. پاڪستان جي پارلياماني ڪرڪيٽ ٽيم پوري ٽورنامينٽ ۾ بهترين راند جو مظاهرو ڪيو. پاڪستان 153  رنسن جو ٽارگيٽ ٻارهين اوور ۾ پورو ڪري ورتو.

فائنل ميچ ۾ بنگلاديش جي پارلياماني ٽيم پهريان کيڏندي 152 رنسون ٺاهيون هيون. جواب ۾ پاڪستان پارلياماني ڪرڪيٽ ٽيم بنگلاديش کي فائنل ۾ 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڪپ کٽي ورتو. پاڪستان جي طرفان علي امين  گنڊاپور 53 رنسن سان نمايان رهيو. ان کان اڳ سيمي فائنل ۾ پاڪستان افغانستان کي شڪست ڏئي فائنل جي لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو هو. افغانستان جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 20 اورن ۾ 101 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي هئي.

پاڪستان جي طرفان مرتضيٰ محمود ايڪيهه رنسون ڏئي 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. ڪپتان زين قريشي ۽ احمد گنڊي ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون. هڪ سئو ٻه رنسن جي ڊوڙ ۾ پاڪستان مقرر حدف 14 اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.

پاڪستان جي طرفان علي زاهد 36 جڏهن ته علي امين گنڊاپور 35 رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر به فائنل ميچ ۾ موجود رهيو ۽ رانديگرن جي حوصلا افزائي ڪندو رهيو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي به لنڊن ۾ پارليامينٽريز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي سوڀ تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏني آهي ۽ هن چيو ته پاڪستان جي پارلياماني ڪرڪيٽ ٽيم سٺي راند جو مظاهرو ڪيو آهي.