ڪراچي ۾ رينجرز جو ڇاپو: وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ

news

ڪراچي: (ڇنڇر 13 جولاءِ 2019ع) پاڪستان رينجرز سنڌ پاران گرفتار جوابدارن جي نشاندهي تي گلشن معمار ۾ ڇاپو هڻي وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن. گرفتار  جوابدار جوڙيا بازار جي واپاري جي قتل ۾ ملوث هئا.

رينجرز ترجمان موجب هٿ آيل هٿيارن ۾ 11 هينڊ گرنيڊ، 5 ڪلاشنڪوف، راڪيٽ لانچر، نائن ايم ايم، ايم پي فائيو پستول، ميگزينز، ايمونيشن، واڪي ٽاڪي، موبائيل فون، يو ايس بيز ۽ ڪيمره هٿ ڪري ورتا آهن.

رينجرز وڏي تعداد ۾ گوليون به  هٿ ڪيون آهن. رينجرز جي ترجمان موجب ڪارروائي گرفتار جوابدار نويد اقبال، خرم ممتاز ۽ اقبال عرف جرمن جي نشاندهي تي ڪئي وئي. جوابدار جوڙيا بازار جي واپاري جي قتل ۾ ملوث آهن.