هڪ سال ۾ پاڪستان پاران ڀارت کان هڪ ارب ڇٽيهه ڪروڙ کان وڌيڪ جون دوائون گهرايون ويون

news

اسلام آباد: (ڇنڇر 13 جولاءِ 2019ع) گذريل سال پاڪستان ڀارت کان هڪ ارب 36 ڪروڙ کان وڌيڪ جون دوائون گهرايون آهن. صحت  واري وزارت موجب ڀارت کان گذريل سال هڪ ارب 36 ڪروڙ 99 لک 82 هزار کان وڌيڪ ماليت جون دوائون ۽ ويڪسين گهرائي وئي.

گهرايل دوائن ۾ زندگي بچائڻ واري دوائن کان علاوه وڏي مقدار ۾ گوريون، سيرپ، انجيڪشن ۽ ويڪسين به شامل آهن. گذريل سال ڀارت کان جنوري ۾ 15 ڪروڙ 43 لک 17 هزار، فيبروري ۾ 22 ڪروڙ 32 لک 47 هزار، مارچ ۾ 19 ڪروڙ 21 لک 37 هزار، اپريل ۾ 11 ڪروڙ 10 لک 42 هزار، مئي ۾ 18 ڪروڙ 96 لک 47 هزار ۽ جون ۾ 4 ڪروڙ 89 لک 12 هزار کان وڌيڪ ماليت جون دوائون ۽ ويڪسين گهرائي وئي.

اهڙي طرح جولاءِ ۾ ڀارت کان 16 ڪروڙ 77 لک 73  هزار، آگسٽ ۾ 4 ڪروڙ 42 لک، 54 هزار، سيپٽمبر ۾ 6 ڪروڙ 90 لک 54 هزار، آڪٽوبر ۾ 5 ڪروڙ 10 لک 73 هزار، نومبر ۾ 3 ڪروڙ 77 لک 78 هزار ۽ ڊسمبر ۾ 8 ڪروڙ 7 لک 43 هزار روپين کان وڌيڪ جون  دوائون گهرايون ويون آهن.