ڄامشورو ۾ سيد آباد واسين جو پوليس ۽ بااثرن جي ناانصافين خلاف احتجاج

news

ڄامشورو: ڇنڇر 13 جولاءِ 2019ع:ڄامشورو ۾ سيد آباد واسين پوليس ۽ بااثرن جي ناانصافين خلاف معصوم ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي. ڄامشورو جي سيد آباد واري علائقي ۾ رهندڙ پورهيت سچو خاصخيلي، سندس زال سمي خاتون پنهنجي معصوم ٻارڙن ۽ گهرڀاتين سميت ڄامشورو پوليس ۽ بااثرن جي ظلم، ناانصافين ۽ گهر تي حملي خلاف احتجاج ڪيو آهي.

ان موقعي تي پورهيت سچو خاصخيلي ۽ سندس گهر واري سمي خاتون صحافين کي ٻڌايو ته مرد گهر کان ٻاهر هئا ۽ گهر اندر عورتون ۽ معصوم ٻار هئا ته بااثر سراج ڀرٽ، شوڪت ڀرٽ، عالم ڀرٽ، نياز ڀرٽ ۽ زبير لنڊ گهر تي حملو ڪندي ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ عورتن مٿان تشدد ڪيو، حملو ڪندڙ بااثرن ڌمڪيون ڏنيون ته جلد گهر خالي ڪري وڃو ٻي صورت ۾ توهان سڀني کي قتل ڪري ڇڏينداسين.

احتجاج ڪندڙ موجب اهڙي شڪايت داخل ڪرائڻ اسان ڄامشورو ٿاڻي تي پهتاسين پر پوليس ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اسان اهڙي لکت ۾ ڊي آءِ جي حيدرآباد کي شڪايت ڪئي ته ڄاڻايل جوابدارن سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ اسان جي نوجوان مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو جيڪو هن وقت ضمانت تي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري اسان کي تحفظ ڏئي بي گهر ٿيڻ کان بچايو وڃي.01