عامر خان آسٽريلوي مخالف بلي ڊيب کي شڪسٽ ڏئي ڇڏي

news

جده: (ڇنڇر 13 جولاءِ 2019ع) پاڪستاني ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان آسٽريلوي باڪسر بلي ڊيب  جي خلاف ويلٽر ويٽ ٽائيٽل فائيٽ کٽي ورتي.

فائٽ جي پهرين رائونڊ جي شروعات باڪسر عامر خان ۽ بلي ڊيب جي هڪ ٻئي تي جارحانه حملن سان ٿي ۽ شروع کان ئي باڪسر عامر آسٽريلوي مخالف تي حاوي ڏسڻ ۾ آيو. ٻيون رائونڊ شروع ٿيو ته بلي ڊيپ عامر خان تي ڪجهه حملا ڪيا ۽ زور سان ٺونشو به هڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر عامر کاٻي هٿ سان اهڙو وار ڪيو جو آسٽريليا جو مخالف هيٺ ڪري پيو.

بلي ڊيپ هڪ دفعو ٻيهر اٿيو پر ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿيڻ سبب سندس پوزيشن ڪمزور  ٿيڻ لڳي. ٽئين رائونڊ ۾ عامر خان پيرن جو بهترين استعمال ڪيو ۽ ٺونشن جي برسات جاري رکي جنهن سبب بلي ڊيپ بچاءُ واري پوزيشن اختيار ڪرڻ تي مجبور رهيو. چوٿين رائونڊ ۾ عامر خان جڏهن آسٽريليا جي باڪسر تي ٺونشن جي برسات ڪئي ۽ ڪرڻ تي مجبور ڪيو ته بلي ڊيپ جي ٽيم پنهنجي باڪسر کي بچائڻ جي لاءِ ٽوال رنگ ۾ اڇلائي  ڇڏيو جنهن کان پوءِ فائٽ ختم ٿي ۽ عامر خان کي فاتح قرار ڏنو ويو.

دلچسپ فائٽ ڏسڻ جي لاءِ اڳوڻو آرمي چيف جنرل رٽائرڊ راحيل شريف، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو وفاقي فواد چوڌري ۽ پاڪستاني سفير به موجود هئا. عامر خان ويلٽر ويٽ ٽائيٽل کٽڻ کان پوءِ اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ راحيل شريف سان گلي مليو ۽ مبارڪباد وصول ڪئي. عامر خان تحفي ۾ کيس پنهنجا گلوز به پيش ڪيا.