شهدادڪوٽ جي ٽانوري شاخ ۾ مئل جانور پيل، شهري گندو پاڻي واپرائڻ تي مجبور، انتظاميا گم

news

شهدادڪوٽ: ڇنڇر 13 جولاءِ 2019ع:شهدادڪوٽ شهر کي پاڻي فراهم ڪندڙ ٽانوري شاخ ۽ واٽر سپلاءِ اسڪيم ۾ مئل مينهن ۽ ڪتو پيل، پبلڪ هليٿ کاتي، آبپاشي کاتي شاخ ۽ واٽر سپلاءِ مان مئل جانورن کي  ڪڍرائڻ جي زحمت نه ڪئي، جڏهن ته شهري گندو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن. هن حوالي سان شهري پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ته آخر هن بدبودار پاڻيءَ کي پيئجي يا، هن سان وضو ڪجي.

جڏهن ته ٻئي پاسي شهرين جو وڏو انگ ٽانوري شاخ ۾ مئل مينهن ۽ ڪتي کي ڏسڻ لاءِ گڏ ٿي ويا. هڪ هفتي کان ٽانوري شاخ ۾ پيل مئل جانور ڪنهن به اداري نه ميونسپل ڪاميٽي ۽ نه ئي پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدران اچي ڪڍرائڻ جي ڪوشش ڪئي.

هن حوالي سان شهر جي سياسي سماجي ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن ۽ شهرين ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد ٽانوري شاخ ۾ پيل مئل جانورن ڪڍايا وڃن ته جيئن شهرين کي پاڪ صاف پاڻي پيئڻ لاءِ نه پر استعمال جي لاءِ مهيا ڪري ڏجي.

هوڏانهن پبلڪ هيلٿ کاتي جي عملدار سليم کنڊ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته شاخ مان گند ڪچرو ۽ مئل جانور ڪڍڻ جو ميونسپل عملدارن جو آهي جن کي اطلاع ڏنو آهي پر هن وقت تائين ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو ۽ نه ئي مئل جانور شاخ مان ٻاهر ڪڍرايا آهنن، شهرين ميونسپل ڪميٽي ۽ پبلک هيلٿ جي عملي جي سستي ۽ نااهليءَ خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو.01