عمران نيازي جو پاڪستان کي لاڪ ڊائون ڪرڻ وارو پراڻو خواب آخرڪار پورو ٿي ويو: شهباز شريف

news

لاهور: ڇنڇر 13 جولاءِ 2019: مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان شهباز شريف جو چوڻ آهي ته سڄي ملڪ جا واپاري ۽ غريب عوام گڏ آهن. ملڪ تي مسلط مينڊيٽ چور حڪمرانن قوم کي آءِ ايم ايف وٽ وڪڻي ڇڏيو آهي.

واپارين جي سڄي ملڪ ۾ هڙتال تي ردعمل ڏيندي اُن جو چوڻ هو ته عمران نيازي جو پاڪستان کي لاڪ ڊائون ڪرڻ وارو پراڻو خواب آخرڪار پورو ٿي ويو.

حڪمرانن جي سوچ ماري ڇڏينداسين، ڪرائي ڇڏينداسين، بند ڪري ڇڏينداسين کان اڳيان نٿي وڌي.