شهدادپور: ڇنڇر 13 جولاءِ 2019ع: شھداداپور ۾ انجمن تاجران ۽ تاجر اتحاد جي سڏ تي حڪومت پاران ٽيڪسن مٿان ٽيڪس مڙھي مھانگائي ڪرڻ خلاف شاھي بازار ڪلاٿ مارڪيٽ صرافا بازار سميت سموريون مارڪيٽون بازارون ۽ ڪاروباري علائقا مڪمل طور بند رھيا.
ان موقعي تي انجمن تاجران تاجر اتحاد جي اڳواڻن جاويد قريشي، گل وساڻ ۽ شاھد شيخ جي اڳواڻي ۾ دڪاندارن ۽ واپارين شاھي بازار کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پوري ملڪ اندر واپارين جي ھڙتال ڪامياب وئي آھي، ھي بجيٽ فسادي بجيٽ آھي جنھن کي نه ٿا مڃون، حڪومت کي چارٽر آف ڊمانڊ ڏنو ويو آھي.01