ڪوٽڙي: ڇنڇر 13 جولاءِ 2019ع:ڪوٽڙي پوليس پاران انساني عضوا وڪرو ڪندڙ گروهه جي ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، ايس ايڇ او ڪوٽڙي عمران آفريدي وومين پروٽيڪشن سيل ڄامشورو جي انچارج شهناز دائوپوٽو پاران ڪوٽڙي ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته انساني عضون جي بين الصوبائي گروپ جي ٻن ميمبرن سڪندر علي ۽ مشتاق احمد کي گرفتار ڪري ورتو آھي، جاچ دوران معلوم ٿيو آھي ته سنڌ جي مختلف علائقن مان نوجوانن کي موٽرسائيڪل، ليپ ٽاپ، موبائيل فون وٺي ڏيڻ جي لالچ ڏئي سندس گردو ڪڍڻ لاءِ وڪرو ڪرڻ لاءِ راضي ڪندا ھئا.
هنن وڌيڪ ٻڌايو ته هي گروپ جي نوجوانن کي پنجاپ جي لاهور وٺي وڃي آپريشن ذريعي سندس عضون جي پيوندڪاري ڪئي ويندي هئي. گرفتار ٿيل جوابدارن شاگرد علي ڀٽي کي ٽي ڏينهن اڳ اغوا ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آھي، جوابدارن هٿان مبينا طور اغوا ڪري قيد ڪري رکيو ۽ لاهور وٺي وڃڻ دوران نوجوان شاگرد کي ڪوٽڙي جي ٽول پلازه ڀرسان بازياب ڪرايو ويو.
هوڏانهن ذريعن ڄاڻ ڏني آهي گروهه جو مک ٻن جوابدار کي ايس ايڇ او ڪوٽڙي عمران آفريدي ۽ سائيٽ انچارج فراز ميمڻ لکين روپيا رشوت وٺي آزاد ڪري ڇڏيو آهي ۽ باقي ٻن جوابدارن کي ميڊيا اڳيان پيش ڪيو ويو آهي. هوڏانهن بازياب ٿيل نوجوان شاگرد جي امڙ جميلان ڀٽي وومين پروٽيڪشن سيل ڄامشورو تي پھچي شڪايت ڪئي ته ٻن جوابدارن سڪندر کرل ۽ مشتاق ڀٽي خلاف داخل ڪرائي، بعد ۾ مغوي شاگرد جي نشاندهي تي پوليس ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آھي. ايس ايڇ او عمران آفريدي ٻڌايو ته جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
هوڏانهن عورت جميلان ڀٽي ٻڌايو ته منهنجو پٽ اشاعت اسلام هاءِ اسڪول ڪوٽڙي ۾ نائين ڪلاس ۾ داخل وٺڻ لاءِ ويو ته واپس نه موٽيو، سندس ڳولا ڪرڻ باوجود ڏس پتو نه پيو، بعد ۾ خبر پئي ته منهنجي پٽ کي 9 جولاء تي جوابدار اغوا ڪري لاهور طرف کڻي وڃي رهيا هئا، جتان پٽ کي پوليس رستي مان بازياب ڪرايو آھي، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.01