ڪوٽڙي ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران نينگري رخسانه ۽ ڀاءُ قادر بخش سيال جي قتل خلاف احتجاجي ريلي

news

ڪوٽڙي: ڇنڇر 13 جولاءِ 2019ع:ڪوٽڙي ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران حيدرآباد ۾ اغوا بعد زيادتي ڪري قتل ڪيل معصوم نينگري رخسانه سيال ۽ سندس ڀاءَ قادر بخش سيال جي قتل خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. المدينه چوڪ کان مختلف تنظيمن جي اڳواڻن هٿن ۾ بينر کڻي ريلي ڪڍڻ بعد ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڄامشورو ايٽ ڪوٽڙي پهچي ڌرڻو هنيو، مظاهرين قاتلن کي ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.

ان موقعي تي ريلي ۾ ليکڪ شوڪت ميمڻ، شاعر مهر درٻائي، سياسي اڳواڻ اقبال ڪوريجو، عبدالفتاح چنا، شبير مگسي، قربان پنهور، امداد پنهور، ڪائونسلر امتياز هنگورو، سلام لاشاري، رضا ڳورڙ، رياض بليدي، جاني گهرياڻي ۽ مقصود جهتيال سميت مختلف اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ٻٽو قانون جو روجهان ختم ٿيڻ گهرجي، حيدرآباد ۾ ننڍي عمر جي معصوم ڀاءَ ۽ زيادتي جو شڪار بڻيل ڀيڻ رخسانه سيال جو قتل ٿيو، ان شروعاتي ڪيس ۾ دهشتگردي جو قلم لاڳو نه ڪيو ويو، جيڪو ٻٽو معيار ۽ حيدرآباد پوليس جي ناجائزي ۽ نااهلي آھي، جڏهن ته شروعات ۾ نينگر قادر بخش سيال زخمي حالت ۾ سامهون آيو، جوابدار گرفتار ٿيو پوءِ نينگري رخسانه سيال کي ڇو نه بچايو ويو.

ان عمل جي مزمت ڪيون ٿا، پوليس جي مڪمل ناڪامي آھي، حيدرآباد جي ايس ايس پي کي هٽائڻ گهرجي. هنن چيو ته رخسانه سيال ۽ سندس ڀاءَ جو قتل قصور جي نياڻي زينب واري ڪيس کان گهٽ ناهي پر هن ڪيس ۾ نه ته سنڌ سرڪار اڳتي آھي نه وري انصاف جي عدالت ڪو نوٽيس ورتو آھي، جنهن ڪري سنڌ جي ماڻهن ۾ مايوسي ڇائنجي رهي آھي، ان ڪري هي ڪيس دٻائي لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوشش آھي، جنهن جي مزاحمت ڪئي ويندي.

هنن چيو ته ٻنهي معصوم ڀاءَ ۽ ڀيڻ جو قتل ڪيس دهشتگردي ٽوڙ انت واري عدالت ۾ هلائي ڪيس جون حقيقتون عوام آڏو آڻي مقتول ڀاءَ ۽ ڀيڻ جي غريب وارثن جي مالي مدد ڪري جوابدارن کي جلد ڦاهي لٽڪايو وڃي، ٻي صورت ۾ سنڌ جو شعور سراپا احتجاج بڻجندو.01