حڪومت جو خواجا آصف جي خلاف غير ملڪي ملازمت جي جاچ جو فيصلو

news

اسلام آباد: ڇنڇر 13 جولاءِ 2019: وفاقي ڪابينا اڳوڻي بچاءُ واري وزير خواجا آصف جي خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو ته جنهن کي نيب جو خط اچي ٿو اهو رڙيون ڪري رهيو آهي.

هن جو چوڻ هو ته وفاقي ڪابينا اڳوڻي بچاءُ واري وزير خواجا آصف جي خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. خواجا آصف مسنگ پرسن آهي.

هن جو چوڻ هو ته نيشنل سيڪيورٽي جو ضامن بچاءُ وارو وزير ٻاهرين ملڪ ۾ ملازمت ڪندي ڪيئن سيڪيورٽي رسڪ بڻيو؟ جاچ ڪري پردي پويان لڪل بي نقاب ٿيندا.

فردوس عاشق اعواڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته وفاقي ڪابينا گهرو وزارت کي ڪيس ريفر ڪيو آهي. جائزو ورتو ويندو ته ان ڪمپني جو ڪنهن ڪنهن ملڪ سان گڏ مفاد وابسطا آهي. اها انتهائي سنجيده سيڪيورٽي بريچ آهي. تنهن ڪري فوري جاچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.