لاڙڪاڻو ۾ واپاري برادري پاران وفاقي حڪومت خلاف شٽر بند هڙتال

news

لاڙڪاڻو: ڇنڇر 13 جولاءِ 2019ع:سڄي سنڌ جيان لاڙڪاڻي شهر ۾ به واپاري برادري جي سڏ تي وفاقي حڪومت خلاف شٽر ڊائون هڙتال ڪئي وئي، جنهن سبب لاڙڪاڻي شهر جون اڪثر مکيه ڪاروباري مرڪز شاهي بازار، ريشم گلي، صرافه بازار، جيلس بازار، ڪينڊي مارڪيٽ، ڊرگ مارڪيٽ، اليڪٽرانڪ مارڪيٽ سميت ٻيون بازارون مڪمل طور تي بند رهيون.

ان حوالي سان لاڙڪاڻي شهر جي واپاري برادري جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت پاران هر شيءَ تي ٽيڪس هڻي عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عمران خان جي حڪومت مهانگائي جو بوتل جن مان ٻاهر ڪڍي ملڪ جي عوام پويان لڳائي ڇڏيو آهي، جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيو ٿا.

ان موقعي تي لاڙڪاڻي شهر جي واپاري برادري مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي روز مراھ جي شين مٿان لڳايل ٽيڪسس ختم ڪري عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو، هوڏانهن چيمبر آف ڪامرس لاڙڪاڻي جي صدر عبدالغفار شيخ پڻ واپاري برادري جي هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.01