مورو ويجهو داد بئراج ۾ نينگر وهنجندي ٻڏي ويو، وارثن جو ايريگيشن عملي خلاف احتجاج

news

مورو: ڇنڇر 13 جولاءِ 2019ع:مورو ڀرسان ڳوٺ ٽنڊو لاشاري وٽ داد بئراج ۾ وھنجڻ دوران پاڻي جي ڪُن جي لپيٽ ۾ اچي ٽئين ڪلاس جو شاگرد ٻارنھن سالا فياض ولد نياز لاشاري ٻڏي ويو، جنھن جو اطلاع ملڻ تي ڀرپاسي جا ماڻھون وڏي انگ ۾ پھچي ويا، جن پنھنجي ڪوشش تحت ڳولا شروع ڪري ڏني پر نينگر نه مليو.

اھڙي اطلاع تي ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز راؤ بلال شاھد ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر مورو سيد مدثر علي شاھ مقامي ٽوٻا گھرائي ڳولا شروع ڪرائي ڇڏي آھي ۽ نينگر جي مسلسل پنجن ڪلاڪ کان ڳولا جاري پر ھن وقت ڪو پتو نه پئجي سگھيو آھي.

ان موقعي تي ٻڏي ويل نينگر فياض علي لاشاري جي ڀاءُ مرتضيٰ لاشاري ٻڌايو ته اسان جا گھرڀاتي ڪراچي رھندا آھن، منھنجو ڀاءُ مورو شھر جي ھڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ پڙھندو ھو، جيڪو گذريل ڏينھن ڳوٺ آيو ۽ اڄ داد بئراج ۾ ڳوٺ جي ٻارڙن ۽ دوستن سان گڏ وھنجڻ دوران پاڻي جي ڪُن لپيٽ ۾ آڻي کڻي وئي آھي.

ھن وقت تائين ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگھيو آھي. ھوڏانھن ٻڏي ويل شاگرد جي وارثن ۽ ڳوٺاڻن داد بئراج ۾ پاڻي بند نه ڪرڻ تي ايريگيشن انجنيئر ۽ ٻين عملدارن خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، جنھن سبب ٻنھي طرفن کان ھلندڙ گاڏيون قطارن جي صورت ۾ بيھي ويون.

ان موقعي تي مظاھرين جو چوڻ ھو ته اسان جو نينگر ٻڏي ويو آھي، اسان ان وقت ايريگيشن آفيسرن کي اطلاع ڏنو ته بئراج ۾ پاڻي جو وھڪرو تمام گھڻو ۽ تيز آھي، جنھن کي بند ڪيو وڃي ته جيئن نينگر جي ڳولا ٿي سگھي پر انھن اسان جي ھڪ به نه ٻڌي.

ھنن مطالبو ڪيو ته داد بئراج تي مقرر انجنيئر سروير ۽ ٻين عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ان مٿان ايف آءِ آر داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاجي ڌرڻو جاري رھندو. جڏھن ته احتجاجي ڌرڻي واري ھنڌ ڊي ايس پي مورو عبداللہ لاکير پھچي متاثرين سان ڳالھيون ڪري خاطري ڏياري احتجاج ختم ڪرڻ جو چيو، جنھن جي يقين ڏيارڻ تي احتجاج ختم ڪيو ويو.01