سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي ريڪيوزيشن تي اعتراض لڳي ويو

news

اسلام آباد:ڇنڇر 13 جولاءِ 2019: سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي ريڪيوزيشن تي اعتراض لڳي ويو. ذريعن موجب مخالف ڌر اعليٰ ايوان ۾ ٻه ريڪيوزيشن جمع ڪرائي رکي هئي. جنهن تي سينيٽ سيڪريٽريٽ اعتراض اٿاري ڇڏيو آهي.

سينيٽ سيڪريٽريٽ جو چوڻ آهي ته ٻنهي تي هڪجهڙا محرڪات ۽ رولز تحت ايئن ممڪن ناهي.

ٻئي طرف ان معاملي تي پيپلزپارٽي جا درعمل به سامهون اچي ويو آهي. اڳوڻي سينيٽ جي چيئرمين ۽ پيپلزپارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل سيد نيئر حسين بخاري چيو آهي ته حڪومت گيم هاري چڪي آهي ۽ هاڻ صرف دير ڪرڻ وارا حربا استعمال ڪري رهي آهي.