حڪومت طرفان جج ارشد ملڪ جي حمايت تي فواد چوڌري خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا

news

اسلام آباد:(آچر 14 جولاءِ 2019ع)  وفاقي حڪومت جي طرفان احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي حمايت تي وفاقي وزير سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي فواد چوڌري خدشن جو اظهار ڪيو آهي.

جده ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته جڏهن معاملو عدالتن ۽(ن) ليگ جي وچ ۾ آهي ته حڪومت ڇو جج ارشد ملڪ جي بيان جي حمايت ۾ پريس ڪانفرنس ڪري رهي آهي. فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته وزيرن کي ان معاملي تي نه ڳالهائڻ گهرجي اهو غلط آهي.

پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ۾ فواد چوڌري اڳوڻي حڪومتن کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو ته اڳوڻي حڪومتن جيڪو 10 سالن ۾ قرض کنيو هو اهو ڪٿي خرچ ٿيو؟ هن چيو ته دوست ملڪن سعودي عرب ۽ چين جي تعاون سان پاڪستان کي مشڪلاتن مان ڪڍي رهيا آهيون. وفاقي وزير چيو ته حڪومت انڊسٽري قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن نوجوانن کي روزگار ملي.

فواد چوڌري چيو ته سعودي عرب ۾ پاڪستاني قيدين جي آزادي بابت قوم جلد خوشخبري ٻڌندي.

ياد رهي ته مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز ڪجهه ڏينهن اڳ پريس ڪانفرنس جي دوران احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي هڪ مبينه وڊيو ڏيکاري هئي جنهن ۾ هو(ن) ليگ جي هڪ ڪارڪن سان ملاقات دوران ان ڳالهه جو اعتراف ڪري رهيو آهي ته نوازشريف جي خلاف العزيزيه ريفرنس جو فيصلو هن دٻاءُ ۾ اچي ڏنو هو.