ايبٽ آباد ۾ ڊاڪٽرن ست ساله ٻار جي مٿي مان اڍائي ڪلو وزني ڪينسر جي رسولي ڪڍي ڇڏي

news

ايبٽ آباد: (آچر 14 جولاءِ 2019ع) خانگي اسپتال ۾ نيورو سرجن 9 ڪلاڪن جي سرجري کان پوءِ 7 ساله ٻار جي مٿي مان اڍائي ڪلو وزني ڪينسر جي رسولي ڪڍي ڇڏي.

ميڊيا موجب ايبٽ آباد جي خانگي اسپتال ۾ ڊاڪٽر عبدالعزيز نالي نيورو سرجن افغانستان جي صوبي هلمند سان تعلق رکندڙ 7 ساله ٻار جي مٿي مان ڪينسر جي رسولي ڪڍڻ جو ڪامياب آپريشن ڪيو آهي.

ٻار کي وڌيڪ طبي امداد ڏني پئي وڃي. جڏهن ته ٻار جي حالت  پهرين کان بهتر ٿي رهي آهي.  ان حوالي سان ڊاڪٽر عبدالعزيز چيو آهي ته ٽيومر جو وزن اڍائي ڪلو هو ۽ ان سبب ٻار جي هڪ اک ۽ ڪن به ضايع ٿي ويو هو.

ڀارت ۽ ترڪي جي ماهرن ٻار جي سرجري کي انتهائي مشڪل ۽ ناممڪن قرار ڏنو هو پر اسان ان کي ممڪن ڪري ڏيکاريو.