قوم مهانگائي کان پريشان: پي ٽي آءِ اڳواڻ جي استقبال لاءِ ڊالرز، يورو ۽ ريال جي برسات

news

گوجرانواله: (آچر 14 جولاءِ 2019ع) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سهيل ظفر چيمه کي سياحت جو عهدو ملڻ کان پوءِ جڏهن هو پنهنجي اباڻي شهر گوجرانوالا پهتو ته ڊالرز، ريال، يورو ۽ پاڪستاني نوٽن سان سندس استقبال ڪيو ويو. پنجاب جي ضلعي گوجرانوالا ۾ حڪومتي پارٽي جي مقامي اڳواڻ کي عهدو ملڻ جي خوشي ۾ حيرت جوڳو جشن ڪيو ويو.

رپورٽ موجب اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر سهيل ظفر چيمه گوجرانواله پهتو ته پي ٽي آءِ جي مقامي قيادت سندس استقبال ڪيو ۽ ڪارڪنن طرفان نچڻ کان علاوه آتشبازي جو به مظاهرو ڪيو ويو. پي ٽي آءِ جو قافلو ماچهيڪي سندهوان پهتو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهد اقبال ناگره پاڪستاني نوٽ، ريال، يورو ۽ ڊالرن جي برسات  شروع ڪري ڇڏي.

ڊالر ۽ يورو هوا ۾ اڏامندي ڏسي پي ٽي آءِ جي ڪارڪن به سمورا ڪم ڪار ڇڏي ڊالر  لوٽيندا رهيا ۽ پاڻ ۾ ئي وڙهندا رهيا. سهيل ظفر چيمه جي اچڻ تي پاڪستان نوٽن، ريال، يورو ۽ ڊالرز جي برسات جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.