اتحادي پارٽين سان گڏجي صادق سنجراڻي خلاف بي اعتمادي جي رٿ کي ناڪام بنائينداسين: بوزدار

news

لاهور: (آچر 14 جولاءِ 2019ع) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف اتحادي پارٽين سان ملي صادق سنجراڻي خلاف بي اعتمادي جي رٿ ناڪام بڻائيندي.

هڪ بيان ۾ عثمان بوزدار چيو ته  مخالف ڌر جي پارٽين ۾ صادق سنجراڻي کي هٽائڻ جو دم ناهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف صادق سنجراڻي سان گڏ هئي ۽ هميشه رهندي. هن چيو ته جمهوري ملڪن ۾ مخالف ڌر جو ڪردار نهايت اهم هوندو آهي، بدقسمتي سان  مخالف ڌر هر موقعي تي ناڪاري سياست کي هٿي ڏني آهي. سندس چوڻ هو ته مخالف ڌر جي پارٽين کي ناڪاري طريقن کان توبهه ڪرڻ گهرجي، ڏڦيڙ ۽ افرا تفري جي سياست جون علمبردار سياسي پارٽيون ذاتي ايجنڊا کڻي هلي رهيون آهن.

عثمان بوزدار چيو ته صادق سنجراڻي کي ايوان جي اڪثريت جي حمايت حاصل آهي ۽ بي اعتمادي رٿ ناڪام ثابت ٿيندي. عثمان  بوزدار وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر جي پارٽين صرف ذاتي مفادن جي خاطر سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آندي آهي ۽ 22 ڪروڙ عوام کي خبر آهي ته سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جمهوري ۽ پارلياماني روايتن موجب ايوان جي ڪارروائي هلائي آهي.