ڪرتارپور راهداري: پاڪستان ۽ ڀارت ۾ اسي سيڪڙو نقطن تي اتفاق ٿي ويو آهي: ڊاڪٽر فيصل

news

لاهور: (آچر 14 جولاءِ 2019ع) پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرتارپور راهداري کولڻ جي معاملي تي 80 سيڪڙو اتفاق ٿي ويو آهي منصوبي تي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳالهين جي ٻئي دور ۾ هاڪاري اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ٻنهي ملڪن معاهدي جي 80 سيڪڙو نقطن تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

13 رڪني پاڪستاني وفد جي قيادت ڊي جي سارڪ ۽ ڏکڻ ايشيا ڊاڪٽر محمد فيصل ڪئي جڏهن ته 8 رڪني ڀارتي وفد جي نمائندگي گهرو وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري ايس سي ايل داس ڪئي.  ٻنهي ملڪن جي وفدن ڪرتارپور راهداري جي طريقيڪار کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ معاهدي جي مسودي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

  ڳالهين کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڀارت سان ڳالهين ۾ ٽيڪنيڪي معاملن تي ڳالهيون ٿيون آهن،  معاهدي جي نقطن تي 80 سيڪڙو اتفاق ٿي ويو آهي پر ڳالهين جا تفصيل في الحال نه ٿا ٻڌائي سگهجن.

هن چيو ته راهداري جو مقصد امن جو رستو آهي ۽ ڪرتارپور منصوبي تي وزيراعظم جي ويزن موجب ڪم جاري آهي.  ٻئي طرف ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ياترين جو تعداد وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.