ڏوڪري ۾ آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو

news

ڏوڪري: آچر 14 جولاءِ 2019ع:ڏوڪري شاخ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ سبب سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل اڃا تائين رونبو ٿي ناهي سگهيو، جنهن ڪري آبادگار هاري پريشاني جو شڪار آهن.

ان سلسلي ۾ آبادگارن، هارين ارشاد علي ميمڻ، رياض جوڻيجو، وڏيرو ٻڌل سانگهرو، عبدالغفور ٿهيم، چنيسر ٻگهيو، مظهر سولنگي، ايوب جت ۽ ٻين چنا پل ڏوڪري شاخ ريگيوليٽر آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي هنن سخت نعريبازي ڪئي، پاڻي ناهي ڇو ڀلا قربلا قربلا، پاڻي ڏيو فصل بچايو جا نعرا هڻندا رهيا.

ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻن مهينن کان ڏوڪري شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب اسان اڃا تائين ساريالو ٻيجارو پوکي ناهيون سگهيا، جنهن ڪري اسان جو ٻيجارو سڪي سڙي رهيو آهي.

هنن چيو ته سونهري ريگيوليٽر تان آبپاشي عملدار دروازا کنيو بيٺا آهن، جنهن ڪري پاڻي شاخن ۾ نٿو پهچي. هنن مطالبو ڪيو ته ڏوڪري شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪري پاڻي ڏنو وڃي ته جئين ٻيجارو پوکي سگھيو، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.01