هاڻي سليڪشن نه پر صاف سٿري اليڪشن ڪرائڻي پوندي: بلاول ڀٽو زرداري

news

صادق آباد: (آچر 14 جولاءِ 2019ع) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هاڻي سليڪشن نه پر صاف سٿري چونڊ ڪرائڻي پوندي، گڏڙن کي سياست مان فارغ ڪرائڻو پوندو.

صادق آباد ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پنهنجي حڪومت ۾ بدترين حالتن باوجود عام ماڻهن جي معاشي مسئلن جو خيال رکيو. هن چيو ته  جيڪڏهن پاڻي جي کوٽ آهي ته سڀني کي گڏجي برداشت ڪرڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته بجيٽ ۾ عوام ۽ عام پاڪستانين لاءِ ڇا رکيو ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته غريب تي بار وڌو ويندو ۽ امير کي رليف ڏنو ويندو آهي.

هن چيو ته  سنڌ سان ناانصافي ٿيندي آهي ته پنجاب جو وڏو وزير سنڌ جي حقن لاءِ وڙهندو آهي پر پنجاب ۾ ايئن ناهي.  سندس چوڻ هو ته سڀ کان وڏو نقصان پنجاب جو ٿيو آهي، سنڌ ۾ به ڌاڙو هنيو ويو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صوبن جو به معاشي قتل عام ٿي رهيو آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي بجيٽ ۾ اميرن لاءِ اين آر او آهي، عمران خان هڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪيو پر هڪ به نه ڏني.هاڻ سليڪشن نه ٿيندي پر صاف سٿري اليڪشن ڪرائڻي پوندي.